'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


بردو سنڌي

بردو سنڌي: بردو سنڌي موجوده دور جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. کيس خاص ڪري گيت جي صنف ۾ ڪمال حاصل هو. هن جو اصل نالو محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري هو. هن ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾، 15 مارچ 1922ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم دوران شاعري ڪيائين، جيڪا پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ترڪ ڪيائين، ۽ 1954ع ۾ .....


الف ليليٰ سنڌي باتصوير

الف ليليٰ سنڌي باتصوير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب موهن داس روچيرام جو لکيل آهي، جنهن جي قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب محمد يوسف ڪراچيءَ واري، اسلاميه پريس، لاهور مان سال 1895ع ۾ ڇپايو......


بروو سنڌي

بروو سنڌي (سنڌي راڳ ):راڳداريءَ جي ڪتابن ۾ هي سر شامل آهي، پر بروو سنڌي جدا راڳ آهي. رات جي وقت ڳائجي ٿو. ڪافي ٺاٺ مان اصل ڪلاسيڪي راڳ نڪتل آهي. هتي سنڌ ۾ ان کي ٿوري ڦير گير سان ڳاتو وڃي ٿو. لطيف سائين جو هڪ سُر هن راڳڻيءَ پويان رسالي ۾ موجود آهي. هي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. آروهي ۾ گنڌار ورجت آهي . .....


امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي

امام انقلاب، مولانا عبيدالله سنڌي (1872-1944ع ):امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن پاڻ ڄام پور ضلعي ديري غازي ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو، تڏهن اسلام کان متاثر ٿي سنڌ پهتو، جتي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت قبول ڪري اسلام جي ح.....


امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي 1

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي (ڪتاب ):سنڌيءَ جي مختلف عالمن، اديبن ۽ شاعرن پاران مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي زندگيءَ تي لکيل مضمونن ۽ مقالن کي نورمحمد عباسيءَ سهيڙي، هيءُ ڪتاب مرتب ڪيو آهي. پڪي جلد سان 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي، جيڪو شهباز پبليڪيشن، حيدرآباد سنڌ پاران 1998ع ۾.....


امام اوزاعي سنڌي

امام اوزاعي سنڌي: امام اوزاعي، سنڌي نسل جو بزرگ هو. سندس اصل نالو عبدالرحمان بن عمرو هو، جيڪو 88 هه/706ع ۾ ڄائو. علامه ذهبي ۽ ابن حجر لکن ٿا ته هن بزرگ جو خاندان سنڌ ۾ نهايت معزز ۽ ديني ڪارنامن ڪري اعليٰ سمجهيو ويندو هو. ان کان پوءِ ان جو خاندان سنڌ جي قيدين ۾ شامل ٿي شام ۽ اندلس پهتو. امام اوزاعي،.....


امام مسعود سنڌي

امام مسعود سنڌي: امام مسعود بن شيبہ بن الحسين السندي، لقب عماد الدين حنفي، ستين صدي هجريءَ جو سنڌي بزرگ، علم ۽ فضل ۾ عالمي شهرت رکندڙ هو. هي دنيا جو اهو پهريون عالم هو، جنهن ”امام الحرمين جويني“ ۽ امام غزالي رحه جي ”الغيث“ ۽ ”مقدمہ التعليم“ جو رد لکيو. هن جي سوانح معلوم نه ٿي سگهي آهي، البت سندس دؤر.....


ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي

ابواسحاق ابراهيم سنڌي موصلي: ابواسحاق ابراهيم بن نصر بن عسڪر، فقه شافعيءَ جو، سلامه شهر (موصل علائقي) جو قاضي هو. هيءُ نسلي طرح سنڌي هو. پنهنجي وقت جو عالم ۽ هڪ ڪامل درويش ٿي گذريو آهي. سندس وڏا عباسي دؤر ۾ سنڌ مان بغداد لڏي ويا ۽ سنڌي عالمن جي نالي سان ئي سندن سڃاڻپ قائم رهي. هن بغداد جي نظاميه ڪال.....


ابوالحسن جي سنڌي

ابوالحسن جي سنڌي (ڪتاب ): مخدوم ابوالحسن ولد عبدالعزيز جي فقه جي موضوع تي (نماز، روزي، وضو وغيره جي مسئلن بابت) تصنيف، جنهن جو اصل نالو ’مقدمة الصلواة‘ آهي. اصل ۾ قلمي مخطوطو هو، جنهن کي پروفيسر خديجه بلوچ پهريون ڀيرو ايڊٽ ڪيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپايو. ڪتاب جو ملهه پنجاهه رپيا آهي. فضلي.....


ابوالطيب سنڌي

ابوالطيب سنڌي: شيخ ابوالطيب محمد بن عبدالقادر سنڌي مشهور عالم ۽ محدث هو. پاڻ گهڻو عرصو مديني منوره ۾ رهيو، جتي حديث جي تڪميل ڪري وڏو محدث ۽ عالم ٿيو. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان حنفي ۽ سلوڪ جي لحاظ کان نقشبندي هو. سندس مديني پاڪ ۾ تمام وڏو مدرسو هو، جتان ڪيترن ئي عالمن فيض پرايو. پاڻ حديث ۽ فقهه تي ڪيترائي.....


 پوئتي   1  2  3   4   5   6   اڳتي